گل محمد کتري

گل محمد کتري

گل محمد کتري

گل محمد کتري: سنڌ ۾ ’مصور لطيف‘ طور شھرت رکندڙ مصور گل محمد ولد محمد اسماعيل کتري 1919ع ڌاري موسيٰ لين لياري (ڪراچي) ۾ پيدا ٿيو. هُو چار درجا سنڌي/انگريزي ۽ هڪ درجو گجراتي پڙهيو. ”انڊس آرٽ“ جو پايو وجهندڙ هن مصور، مصوري جي سکيا مشھور آرٽسٽ چرن جيت وورديءَ کان ورتي. هن پنھنجي فني زندگيءَ جي شروعات 1946ع ۾ بولٽن مارڪيٽ ڪراچيءَ جي هڪ ننڍڙي دڪان ۾ آرٽ اسٽوڊيو جو بنياد رکي سنڌ ۽ سنڌو تھذيب تي ڪم شروع ڪيو. ڪمرشل آرٽ ۾ هن پوسٽر ڊزائننگ، گلاس پينٽنگ، سائن بورڊ، ٽيڪسٽائيل ڊزائن، ٿيئٽر جا ڊزائين، سنيما جا پوسٽر، ٽائلن جي ڊزائننگ ۽ ان کان علاوه سنڌي، اردو، هندي، گجراتي ۽ انگريزي خطاطي پڻ ڪئي. هن 17 جولاءِ 1947ع تي ”مھراڻ ثقافتي جماعت“ جو بنياد رکي ان جو پھريون صدر منتخب ٿيو. 1958ع ۾ آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي ۽ 1959ع ۾ آرٽسٽ گروپ ڪلب جو ميمبر ٿيو. پاڪستان ۽ سنڌ جي فن ۽ ادب تي سنڌي ۽ اردوءَ ۾ سندس مضمون/مقالا مختلف اردو سنڌي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس تحريري ڪمن ۾: (1) شاهه عبداللطيف آرٽ (ڀاڱو پھريون، اردو ۽ انگريزي ترجمو جنھن کي سنڌ حڪومت، ڪتب خانن ۾ رکڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون) ۽ (2) نقوشِ لطيف (اردو، هندي، انگريزي ۽ گجراتيءَ ۾ ترجمو ڪيل هن ڪتاب ۾ شاهه لطيف جي بيتن تي رنگين اسڪيچ ٺاهيل آهن.) شامل آهن. کيس روٽري ڪلب انٽرنيشنل پاران 1965ع ۾، لاڙڪاڻي ڪاليج آف ڪامرس اينڊ اڪانامڪس پاران 1967ع ۾ ۽ اولڊ ريوينس ايسوسيئيشن پاران 1967ع ۾ مڃتا طور مختلف سندون مليون. سندس مشھور فن پارن ۾: شاهه عبداللطيف جي شاعريءَ جي مصوري ۽ چٽن وسيلي نقش نگاري/عڪاسي، رني ڪوٽ جي مختلف منظرن جي ”پينارومڪ پينٽنگ“ وسيلي سيريز، اوجها سينيٽوريم جي آئل پينٽنگ جي سيريز، خاڪروب/ٻھاريدار مائي جي آئل پينٽنگ، هڪ ماءُ جو ڇريءَ وسيلي گهڙيل مجسمو، ”گلوري آف ٺٽا“ آئل پينٽنگ ۽ ”ٺٽو سجاول برج“ آئل پيٽنگ شامل آهن. مختلف ادارن پاران سندس ٺاهيل تصويرن جون 60 نمائشون ٿيون.کيس فن جي مڃتا طور ڪجهه اوارڊ مليا جن ۾: (1) سنڌ مدرسي ڪراچيءَ مان 1960 ۾ اوارڊ، (2) انٽرنيشنل وومن ڪلب مان 1962ع ۾ اوارڊ، (3) ڀٽ شاهه ڪلچرل ڪميٽي پاران 1964ع ۾ پھريون اوارڊ، (4) ڀٽ شاهه ڪلچرل ڪميٽيءَ پاران 1966ع ۾ اوارڊ، (5) انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ پاران 1972ع ۾ اوارڊ شامل آهن. ان کان علاوه سينٽرل انسٽيٽيوٽ آف آرٽ ايند ڪرافٽس، ڪراچي جي اڳوڻي باني افسر مدد نقوي پاران سندس مجسمو ٺھرايو ويو، جيڪو هاڻي مھراڻ آرٽ ڪائونسل لطيف آباد، حيدرآباد ۾ رکيل آهي. هن سنڌ مدرسي کي 1960ع ۾ هڪ هزار روپيا فنڊ طور ۽ 1963ع ۾ مشرقي پاڪستان ۾ آيل طوفان لاءِ جوڙيل ’ايسٽ پاڪستان سائيڪلون رليف ڪئمپين ڪميٽيءَ‘ کي متاثرن لاءِ پنھنجي مصوريءَ جا فن پارا دان ڪيا ۽ نيشنل ڊفينس فنڊ کي 1965ع ۾ اتحاد جي موضوع تي تخليق ڪيل پنھنجون تصويرون عطيي طور ڏنيون. 1972ع م مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ جڏهن جي. ايم سيد تي بم حملو ٿيو هو ته ان ۾ گُل محمد به زخمي ٿيو هو. ٽي. بيءَ جي پراڻي مرض سبب، 20 مارچ 1979ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.


لفظ گل محمد کتريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو